ڌرم شاستر

ڌرم شاستر: ڌرم شاستر جي حيثيت شخصي قانون واري آهي. هن قانون جو استعمال هر انهيءَ شخص تي ٿئي ٿو، جيڪو هندومت سان واڳيل هجي. ڌرم شاستر عام طور انهن حڪمن جي مجموعي کي سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو سنسڪرتي ڪتابن ۾ موجود آهي. هي اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي هندن جي زندگيءَ کي منظم ڪرڻ ۾ حڪم جو درجو رکن ٿا. انهن ڪتابن ۾ نياپا، وشيسُڪ، سانکيه يوگا، پورو ميمانسا ۽ وپرانتا يا اترميمانسا، جن ۾ چار ويد، ڇهه اپنشد ۽ ارڙهن پراڻ شامل آهن.


لفظ ڌرم شاسترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو